نظم

انعام جي سفارش

“مانجهن خان، چئبو ته اسان کي مـُهتُ نه ڏيندين؟”
واهه جي ڪپ تي وڻن جي وچ ۾ وڏي لانڍ ۾ ڇهه کن کٽن مان هڪ کٽ تي ٽُڪ جي رلي مٿان ويهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺل سڪندر صاحب منهن ۾ سُونڊ وجهندي چيو.
“ صاحب، تو سان ڀائپي آهي، حڪم ڪر ته سر به حاضر آهي، باقي تو واري ايس پي جو آ مٿو خراب، اسان فقير ماڻهو جي پڳا سي ته ملهه ڪنداسي، نه ته هو ڏاڍو، اسان هيڻا”، ٻي کٽ تي ويٺل مانجهي هٿ ٻڌندي چيو.
سڪندر صاحب کٽ تي سڌو ٿي ويٺو ۽ ٻيهر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
“ مانجهن، حڪومت وٽ سڀ پاور آهن، مان ته آهيان تنهنجو ڀاءُ، ڀلا تنهنجي هيءَ لانڍي ڪا صاحبن کان ڳجهي آ؟”
“ سڪندر صاحب، ڌمڪيون رک پاڻ وٽ، مان نه اڳ ڪڏهن انهن صاحبن کان اک هنئي آ، نه هاڻ ڪو ايڏو ٿڪل آهيان، جي تو وٽ سرڪار جي طاقت آ، ته متان چئن مهانڊن جا هٿ اسان به ڌوئاريا هجن، جي صاحب پنهنجي صاحبي تي ايندا ته فقيرن لاءِ ٿاڪ گهڻا آهن، پوءِ متان اهي چار پيريون روڊ تان لهي به نه سگهني.
مانجهي لانڍي ڀرسان وڻن هيٺان بيٺل سرڪاري گاڏين ڏانهن ڏسندي چيو.
سڪندر جي رت ٽهڪڻ لڳي ته هڪ ڏوهاري کيس ڌمڪي ڏئي رهيو هو.
“ معنيٰ ته مان وڃان؟” سڪندر صاحب ڪاوڙ مان پڇيو.
“ ماني تيار آ، تون اسان جو ڀاءُ آن، ننگر ڇڏڻ معنيٰ جهيڙو، منهنجو توسان جهيڙو ناهي، ماني کاءُ پوءِ ڀلي وڃ” مانجهي لهجي ۾ مهمان نوازي واري نوڙت آڻيندي چيو.
“ ماني تڏهن کائبي، جڏهن تون منهنجي ڳالهه مڃيندين”. سڪندر صاحب به لوهه گرم ڏسي ڌڪ هڻي ڪڍيو.
ٿورو سوچڻ بعد مانجهي ٿڌو ساهه کنيو ۽ هٿ ٻڌي چيو
“ ادا ڪُهه، مهمان کي اوطاق تان بکيو ڇڏڻ ته ڀاڙين جو ڪم آ”
“ اتي اچ نه، تون مڙس آهين ته اسان به مڙسن جا يار آهيون” سڪندر خوش ٿيندي چيو“ ڀلا ايس پي جي پوسٽنگ گهڻا ڏينهن؟ اهي ڏينهن دنگ نه ٽپجانءَ، ٻيو ملڪ مولا جو جام اٿئي”
“ ان ڳالهه جو ضامن تون آهين ته شڪارپور جي پوليس اسان جو رستو نه روڪيندي؟ نه ئي تو وارو صاحب وير رکندو؟” مانجهي ڄڻ ته ڳالهه پڪي ڪندي پڇيو.
“مانجهن، جي شڪارپور جي پوليس تنهنجي پاڇي جي ويجهو به اچي ته چئجان ته پيءُ جو تخم ئي ناهين” سڪندر کيس پڪ ڏيندي وري ڳالهايو
“هاڻ ماني کاراءِ ته صاحب کي وڃي دلجاءِ ڏيون”
...........................................................
سڪندر صاحب شڪارپور جو سي آءِ اي انچارج هو، نئين ايس پي چارج وٺندي ئي کيس سمجهايو هو ته ضلعي توڙي ڀر وارن ضلعن جي ڏوهارين سان سڌو رابطو ڪري کين سمجهائي ته سندس پوسٽنگ دوران ضلعي ۾ ڪو وڏو ڏوهه نه ڪن، باقي جي ٻين ضلعن ۾ ڪا به واردات ڪندا ته سندن رستي روڪ نه ٿيندي، مانجهي جيڪب آباد ضلعي جو مشهور ڏوهاري هو، جنهن جون ڪارروايون اهڙيون هونديون هيون، جو ملڪ ٿرٿلو، نه ايس پي بچي نه ڪو چڱو آفيسر، سي آءِ اي وارن وٽ سموري ڄاڻ به هوندي هئي. مانجهي جو واردات نه ڪرڻ لاءِ اهو شرط هو ته هو شڪارپور جي ايس پي سان ملاقات ڪرائي پر ان لاءِ سڪندر تيار نه هو، ڇو جو مانجهي ايس پي سان ڊائريڪٽ ٿيو ته هن جو قدر ڪهڙو بچيو؟
سڪندر مانجهي سان ملاقات بعد ايس پي سان ملاقات لاءِ بنگلي تي پهتو، جتي دير تائين ڪچهرين کانپوءِ واپس اچي ستو ته دير تائين ننڊ هو.
صبح جو ڏهين وڳي وائرليس تي هليل پيغام ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو ته ڳڙهي ياسين ڀرسان ڌاڙيل ٻن اسڪولي شاگردن کي اغوا ڪري ويا آهن، سڪندر صاحب کي اطلاع مليو ته سندس شڪ هڪدم مانجهي ڏانهن ويو، ننڊ مان ڄاڳندي ئي ڪنٽرول تان ميسيج ٻڌڻ بعد هن مانجهي کي ڪچي گار ڏيندي چيو ته “ جي تو اها واردات ڪئي آهي ته توسان گهٽ نه ٿيندي”
سڪندر صاحب اڃا باٿ روم ويو ته ايس پي جو فون آيو، جنهن کيس پاڻ وٽ گهرايو هو. ايس پي وٽ پهچڻ تائين هو مخبرن کان واردات بابت ڄاڻ وٺندو رهيو ۽ کيس خبر ملي ته ڌاڙيل هڪ مغوي نينگر کي ڇڏي ويا آهن، جڏهن ته ۱٦ ورهين جي نينگر کي کڻي نئين ديري واري ڪچي ۾ لهي ويا آهن. ڌاڙيلن جنهن نينگر کي ڇڏيو ان کي پيغام به ڏنو هيائون ته جي ڪنهن تنگ ڪيو ته ٻئي ڇوڪر جو لاش ملندو.
سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ بعد اهو ته اندازو ٿي چڪو هو ته ٿم ناريجن وٽ ٿيو آهي، واردات ڪئي ڪنهن آهي؟ ان جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش جاري هئي.
..................................
مانجهي سنگت سان گڏ لانڍي مان نڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي ويٺو ته فون جي گهنٽي وڳي، هن کاٻي هٿ سان موٽرسائيڪل جهلي ساڄي هٿ سان فون کيسي مان ڪڍي ڳالهايو.
“ ها.....ڳالهايان ٿو....تون ڪير......ڳالهه سڌي ڪر.....ڳجهارتون ڇڏ”
“ اڙي سکر جي هانڍي ياد ڪر بابا سائين” ٻئي پاسي کان آواز آيو
“ اڙي پريل آهين...؟” مانجهي پڪ نه هوندي به ڌڪو هنيو.
ٻئي پاسي کان وڏن ٽهڪن جا آواز اچڻ لڳا.
“ اڙي تون به خير سان اچي وئين ٻاهر؟” مانجهي پڇيو
“ باقي؟ تو ڇا سمجهيو ڦاسي لڳندي؟ هاهاهاها....” ٻنهي پاسي ٽهڪڙا
“ پوءِ ڀلا ڪڏهن ڪبو ننگر پاڻي؟” مانجهي کيس دعوت ڏني.
“ يار تنهنجي ماني به کائبي پر ڪجهه حال احوال فون تي ئي ڪجن”؟ پريل چيو
“ ها ها، حڪم ڪر” مانجهي موٽرسائيڪل اسٽينڊ تي بيهاري لهي کٽ تي ويٺو ۽ ساٿين کي به ترسڻ جو اشارو ڪيو، ڪجهه موٽرسائيڪلن تان لٿا، ڪي وري اڳتي سـُرِي بيٺا.
“ يار خبر ته اٿئي ته فقرائي لڏو آهيون، خرچ به ڏاڍا ڀريا سي، ٻاهر نڪتا آهيون ته روزي به ڪرڻي آ، يار جي سچ پڇين ته هاڻ رات جو پنڌ نڪرڻ ته ڪو نه پچندو” پريل ڳالهايو
“ بروبر...هيترا سال جيل ڪاٽيو اٿئي، کوليون به مـَمَ وانگر مڙسن جا گوڏا چٽي ٿيون ڇڏِن....هاهاها” مانجهي جي جملي تي ٻئي پاسا ٽهڪڙا پئجي ويا
”چڱو منهنجي لاءِ ڪم ٻڌاءِ..؟” مانجهي کانئس پڇي ورتو
“ ادا ڳالهه سڌي آ ته حالي هتي ڪا خاص روزي ناهي، ڇوڪرا مڙئي ڪراچي ۾ هٿڙو هڻي ٿا اچن، پر ڳالهه آ ته مال ڪجي ڪاڏي؟” پريل ٻڌايو
مانجهي ٿورو سوچيندي چيو “ گاڏيون آهن”؟
“ هائو.....ننڍيون به آهن، وڏيون به؟” پريل جي ان جملي تي مانجهي ڪجهه سوچڻ لڳو
“ يار پوءِ ڪوٽيا ڪاهي وڃ نه” مانجهي ڄڻ ته حل ٻڌايو
“ او اها ڳالهه، پر يار ڳالهه ڪجي سڌي ته انهه پاسي پنهنجي اٿل مڙئي گهٽ آ، تنهنجو واسطو آ جام، جي ڪرين مهرباني ته دڳ کلي پوندو” پريل ٿوري وقفي کانپوءِ ٻيهر ڳالهايو“ مانجهي خان، انهه لاءِ صلاح به ڪرڻي آ، اسان پڄائينداسين، اڳتي ڪم تنهنجو، جيڪا روزي ٿيندي تنهن ۾ ڀائيواري....”
مانجهي ڀائيواري جو ٻڌي مطمئن ٿي ويو ته اجايو خفو ناهي، مڙئي چار پئسا ملي به پوندا، هڪ نئون دڳ به کلي پوندو.
“ پريل تون مل ته صلاح ڪريون” مانجهي راضپو ظاهر ڪيو
“ اڙي يار صلاح بس اها، گاڏيون بيٺيون آهن، سڀاڻي هڪ گاڏي توکي پڄايان ٿو، تون ڪاهي وڃ اڳتي، باقي جيئن چوندين” مانجهي فيصلو ئي هن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
“ يار سڀاڻي ته مان ناهيان جوءِ ۾، ٻئي ڏينهن اچ، پر اچجانءِ خيال سان” مانجهي جي جملي سان ڄڻ ته معاملا طئه ٿي ويا“ يَر اچجان سوير ڀرو جيئن چوڪيون خالي هجن، ٻيو ته نڪرڻ کان اڳ فون ڪري پڇجانءَ ته ڪهڙو روڊ اچڻو آ؟”
......................................................
مانجهي سج اڀرڻ کان اڳ طئه ٿيل پروگرام موجب پهچي ويو، سنگت کي روڊ کان پرڀرو روڪي پاڻ اچي روڊ تي بيٺو ۽ اچي رنگ جي ڪار جو انتظار ڪرڻ لڳو، کيس پري کان ڪا گاڏي ايندي نظر آئي، اڃا هن ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته فون جي گهنٽي وڳي، فون کيسي مان ڪڍيائين ته پريل جو نمبر هو.
“ ها پريل ڏي حال..؟ اچو اچو مان روڊ تي آهيان......گهڻي دير لڳندي اڃا.....ها ها مان اڪيلو آهيان، سنگت ٿورو پرڀرو آهي........ٺيڪ آ بس بس دلجاءِ ڪيو........”
مانجهي فون تي ڳالهائي رهيو هو ته تيز رفتار گاڏي ويجهو پهچي وئي ۽ اوچتو گوليون هلڻ جو آواز ٿيو، مانجهي اڃا پاڻ ئي نه سنڀاليو ته سامهون ايندڙ گوليون گاڏيءَ جي اڳين شيشن کي ٽوڙيندي مانجهي جي جسم کي پروڻ ڪري چڪيون هيون..هو نه پاڻ سنڀالي سگهيو، نه موٽرسائيڪل، جيئن ئي هيٺ ڪريو ته هڪ ڄنگهه موٽرسائيڪل جي هيٺان اچي ويس، ڪجهه ئي دير ۾ هن ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو کيس ٽنگو ٽالي ڪري انهيءَ گاڏيءَ جي ڊِڪيءَ ۾ وجهي رهيا هئا، هن سڪندر ۽ پريل کي سڃاتو ۽ سندس واتان هڪ لفظ نڪتو،
“ٿڪ هجيو...”
ڪجهه دير کانپوءِ پروڻ ٿيل شيشي واري گاڏي ايس پي شڪارپور جي بنگلي تي بيٺل هئي، شام جو پريس ڪانفرنس ڪندي ايس پي ٻڌائي رهيو هو ته سي آءِ اي پوليس ٺل ڀرسان مقابلي بعد ڳڙهي ياسين مان اغوا ٿيل نينگر کي بازياب ڪرايو آهي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بدنام ڌاڙيل مانجهي مارجي ويو......سرڪار کي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس پارٽيءَ لاءِ انعام جي سفارش ڪئي آهي.